خواجه الله بخش غفاري (سهڻا سائين)

خواجه الله بخش غفاري (سهڻا سائين)

خواجه الله بخش غفاري سهڻا سائين

خواجه الله بخش غفاري (سهڻا سائين): خواجه الله بخش غفاري عرف سهڻا سائين ولد حضرت محمد مٺل حضرت پير مٺا سائينرحه جي ولادت شهر خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ 10 مارچ 1910ع تي ٿي. سندس تعلق عباسي خاندان سان هو.
سهڻا سائينءَ جا وڏا راشدي خاندان جي چشم چراغ حضرت حاجي نصير الدين شاهه بکريءَ، وارن جا مريد هئا. ننڍپڻ کان ئي سندن والد ۽ والده هن جي تعليم ۽ پرورش ۾ ڪينَ گھٽايو. والد جي وفات کان پوءِ والده خصوصي توجهه سان کيس سنڀاليو. پاڻ نيڪ سيرت ۽ عبادت گذار عورت هئي. والده جي تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪري سهڻا سائينءَ جي طبيعت ۾ ننڍپڻ کان ئي نياز، عاجزي ۽ خدمتِ خلق جھڙيون عمديون صفتون پيدا ٿيون.
قرآن پاڪ ۽ ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ خانواهڻ ۾ حاصل ڪيائين. فائينل جو امتحان پاس ڪري ڪجهه عرصي لاءِ ماستري ۽ درزڪو ڪم ڪيائين. ان وقت خانواهڻ ۾ ڪو ديني مدرسو نه هو، پوءِ ماستري ڇڏي، ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳيريلي شهر جي مدرسي ۾ ديني علم حاصل ڪرڻ لاءِ الحاج مولانا رضا محمد مگسيءَ وٽ ويو، ان وقت سواريءَ جي ڪابه سهوليت نه هئي، ان ڪري پنڌ ڪري مدرسي ۾ پڙهڻ ايندو ويندو هو. ان زماني ۾ ٻين مدرسن وانگر هن مدرسي جا طالب به پاڙي مان فقر جي ماني وٺي کائيندا هئا، پر کيس اها ڳالهه پسند نه هئي. ان ڪري اڪيلو ويهي سبق ياد ڪندو هو يا تلاوت قرآن مجيد ۾ وقت گذاريندو هو. 1354هه/ 1935ع ۾ جڏهن اڃا ڀريا جي مدرسي ۾ پڙهندو هو ته اتي سندس مخلص دوست ۽ پاڙيسري قاضي دين محمد مدرسي ۾ اچي پير قريشيءَ جي علم ۽ فيض جون ڳالهيون ٻڌايون ته پنجاب جو هڪ ڪامل ۽ متقي بزرگ هالاڻيءَ ۾ آيل آهي. سندس دل ۾ بزرگن جي زيارت ۽ بيعت ڪرڻ جي امنگ پيدا ٿي ۽ پوءِ پاڻ قاضي دين محمد سان گڏجي هالاڻي اچي پير قريشيءَ سان بيعت ڪيائين.
پير قريشيءَ جي وفات 28 نومبر 1935ع تي ٿي. پير الله بخش غفاريءَ انهيءَ ئي سال پنهنجي ڳوٺ خانواهڻ ۾ پنهنجي پوري خاندان سميت بيعت ڪئي. سندس صلاحيت، تقويٰ ۽ تبليغ جو جذبو ڏسندي پير مٺا سائينءَ چئن سالن کان پوءِ کيس خلافت سان نوازيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.03.10  عيسوي

خواجه الله بخش غفاري عرف سهڻا سائين ولد حضرت محمد مٺل حضرت پير مٺا سائينرحه جي ولادت شهر خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ 10 مارچ 1910ع تي ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خفيف I
شمس الدين گونگو نظاماڻي
عبداللطيف تنيو ڊاڪٽر
چنا محمد عالم
شفيع اوڪاڙوي مولانا
سنهڙو سائين
عـلـي اڪـبر خـان ٽالـپـر مير
بهادر خان علياڻي
سيد محمد اختر حڪيم
روهن سپي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون